عامر لطيف صديقي

عامر لطيف صديقي

عامر لطيف صديقي

عامر لطيف صديقي: عامر لطيف صديقي 10 جولاءِ 1976ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تـعـليـم پـاٽ جـي قاضـي احـمـدي اسڪـول مان، سيڪنڊري تـعـليـم نـور مـحمـد هـاءِ اسڪـول حيـدرآباد مان، ماسٽرس (سـوشـالاجـي) سـنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۽ ايم ايس (سوشل سائنس) SZABIST ڪراچيءَ مان ڪيائين. پاڻ ڪيتري عرصي کان تعليمي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهي. تعليم جي حوالي سان عالمي ۽ مقامي ادارن جهڙوڪ: ريسرچ ٽرائينگل انسٽيٽيوٽ [RTI]، آمريڪن انسٽيٽيوٽ فار ريسرچ [AIR]، ايجوڪيشن ڊيولپمنٽ سينٽر [EDC]، واٽر ائڊ، ڪريئٽو ايسوسيئيٽس انٽرنيشنل ۽ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت سان ڪم ڪري چڪو آهي. عامر لطيف، تحقيق ۽ تعليمي سڌارن جي حوالي سان ملائيشا، فلپائين، دبئي، ٿائيلينڊ جا دورا ڪيا اٿس. ان کان سواءِ آمريڪا ۾ قانونسازي ۽ پبلڪ سيڪٽر پاليسيز تي فيلوشپ ڪري چڪو آهي. تعليم جي حوالي سان اسڪولن، اسڪول مينيجمنٽ ڪميٽيز، استادن جي تربيتي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اسٽريٽجڪ پلاننگ تي ڪم ڪيو اٿائين. سندس خدمتون پرائمري نصاب، درسي ڪتابن ۽ تعليمي پاليسين جي سڌاري لاءِ رهيون آهن. پاڻ سنڌي ۽ اردوءَ جو سٺو شاعر آهي.


لفظ عامر لطيف صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو